پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

ahtizaz hasan

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شريف ڪٽنب وٽ هاڻي ڪو به جواب ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جي آءِ ٽي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو به دستاويز نه آهي.

هن چيو ته حڪومت کي خبر پئجي چڪي آهي ته پاناما جي جي آءِ ٽي سندن جوابن مان مطمئن ناهي، تنهنڪري هو جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي سرڪار جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو، ڪلڀوشن دهشتگرد آهي پر ڀارت ان کي بچائڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ويو.

هن چيو ته هڪ ڪرنل حبيب آهي جنهن جي اسان کي خبر ئي ناهي ته هو ڪهڙي حالت ۾ آهي ۽ ڪٿي آهي. .

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان جي حڪومت خاموش آهي، ان جي سامهون رڳو هڪ ئي معاملو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*