پاناما ليڪس بابت جوڙيل جي آءِ ٽي وزيراعظم جي ٻنهي پٽن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي

supreme court

پاناما ليڪس بابت جوڙيل جي آءِ ٽي وزيراعظم جي ٻنهي پٽن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پاناما بابت جوڙيل 5 رڪني جي آءِ ٽي وزيراعظم کي جي وڏي پٽ حسين نواز ۽ ننڍي پٽ حسن نواز کي پنجون ڀيرو طلب ڪيو آهي.

ٻنهي ڄڻن کان قطري شهزادي حمد بن جاسم جي خط ۽ جمع ڪرايل دستاويزن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، جي آءِ ٽي حسن نواز کي 10 جون تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، حسين نواز جمعي ڏينهن 11 وڳي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو.

واضع رهي ته حسين نواز ان کان اڳ چار ڀيرا جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي چڪو آهي، جڏهن ته حسن نواز ٻيون ڀيرو پيش ٿيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*