پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي بائيڪاٽ وارو اختيار شريف خاندان وٽ موجود آهي

rana sna ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي بائيڪاٽ وارو اختيار شريف خاندان وٽ موجود آهي، جاچ ٽيم تي اعتراضن جو جواب ملڻ گهرجي، ڪنهن کان به 6 ڪلاڪن جي جاچ بعد ڪجهه به قبول ڪرائي سگهجي ٿو، 13 ڪلاڪن تائين جاچ ڪو طريقو نه آهي.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي آهي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته جي آءِ ٽي بابت اعتراضن جو جواب اچڻ گهرجي، 13 ڪلاڪ جاچ جو ڪو به طريقو نه هوندو آهي، شاهد ٻڌائي رهيا آهن ته انهن مٿان دٻاءُ وڌيو پيو وڃي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرن جي ماضي بابت ڪنهن به جواب ناهي ڏنو، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ضرور ٺاهي آهي،  پر اها سپريم ڪورٽ نه آهي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي جي بائيڪاٽ جو اختيار شريف خاندان وٽ آهي، جي آءِ ٽي بابت تحريڪ هلائڻ جو فيصلو پارٽي ڪندي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته نهال هاشمي جوش ۾ اچي اهڙو ڏوهه ڪيو آهي، سندس بيان دفاع ڪرڻ جهڙو نه آهي.

هن نهال هاشمي کان استعيفيٰ واپس وٺڻ کي ڊرامو قرار ڏنو پيو وڃي، پنڊي جو شيطان ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*