بلوچستان جي علائقي تربت ۾ ايران ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 سنڌ واسي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

Turbat-29716

بلوچستان جي علائقي تربت ۾ ايران ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 سنڌ واسي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

تربت ويجهو زائرين جي مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب ڊکڻ واسي حسين بخش لاشاري، نظام هوتاڻي، رتوديري واسي سجاد سهاڳ ۽ ڳڙهي خدابخش واسي شبير پتافي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تربت اسپتال پهچايو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

حادثي جي اطلاع بعد فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندن وارث لاش وصول ڪرڻ بلوچستان روانا ٿي ويا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*