وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس خواهش آهي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪينسر يونٽ قائم ڪيو وڃي

cm jinnah

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس خواهش آهي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪينسر يونٽ قائم ڪيو وڃي.

جناح اسپتال جي دوري دروان ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته جناح اسپتال تمام گهڻي اهم اسپتال آهي، هو ان کي ماڊل اسپتال بڻائڻ چاهي ٿو.

مراد علي شاهه چيو ته هو جناح اسپتال ۾ پبلڪ سيڪٽر جو سڀ کان وڏو ڪينسر يونٽ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي فنڊنگ لاءِ سنڌ سرڪار تيار آهي.

اسپتال انتظاميا پاران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جناح اسپتال ۾ ڪينسر يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ 60 ارب رپين جي ضرورت پوندي، جنهن تي وڏي وزير  گهربل فنڊز فراهم ڪرڻ ۽ فوري طور تي هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*