مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين هڪ سازش تحت نهال هاشميءَ جي استعيفيٰ قبول نه ڪئي

Abid-Sher-Ali-51116

مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين هڪ سازش تحت نهال هاشميءَ جي استعيفيٰ قبول نه ڪئي، آصف زرداري کي سوئس ڪيسن مان اسان بچايو، پپيلزپارٽي سدائين عدليا ۽ جمهوريت تي حملا ڪيا آهن، هاڻي ڪهڙي منهن سان ڳالهائي رهيا آهن

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عدليا ۽ جمهوريت تي وار ڪيا.

هن چيو ته وزيرااعظم نهال هاشمي کان استعيفيٰ ورتي، سازش تحت ان جي ستعيال قبول نه ڪئي وئي.

عابد شير علي چيو ته شاهه صاحب اوهان جا ميمبر اسان جي وزيراعظم سان بدتميزي ڪئي.

هن چيو ته شهباز شريف جي حڪومت سان پنهنجي حڪومت جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي، پاڪستان جي ڪرپشن جي گاڊ فادر ڪير آهي، اسان ٻڌائينداسين.

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير چيو  ته آصف زرداري کي سوئس ڪيسن مان اسان بچايوسين.

عابد شير علي چيو ته پيپلزپارٽي عدليا ۽ جمهوريت تي حملا ڪيا آهن، هاڻي ڪهڙي سان ڳالهائي رهي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*