لاهور هاءِ ڪورٽ تيل جي موجوده صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، پيٽرول بحران بابت وفاقي سرڪار کي وزيراعظم جي انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي تيل جي موجوده صورتحال بابت رپورٽ 27 فيبروري تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سنگل بينچ پنجاب ۾ پيٽرول بحران خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پيٽرول بحران هٿرادو پيدا ڪيو ويو، جنهن سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

ٻڌڻيءَ دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پاران عدالت پاران رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول بحران بابت انڪوائري ڪميٽي پنهنجي جاچ رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي آهي، عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کين مهلت ڏني وڃي.

عدالت، وفاق جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي حڪم ڏنو ته 27 فيبروري تائين انڪوائري رپورٽ ۽ تيل جي موجوده صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*