ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان جاويد ميانداد سڀ کان اڳڀرو، بالنگ ۾ وسيم اڪرم وٽ اعزاز موجود

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان جاويد مياندار کي سڀ کان وڌيڪ رنز اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر وسيم اڪرم آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار مڊل آرڊر بيٽسيمين جاويد مياندار ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پاڪستان پاران سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 83 رنز اسڪور ڪيون آهن.

هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ جو اعزاز عمران نظير وٽ آهي،جنهن هڪ سو 60 رنز جي اننگز کيڏي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر وسيم اڪرم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستان پاران سڀ کان وڌيڪ 55 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

شاهد آفريدي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾پاڪستان پاران بيسٽ بالنگ ڪئي آهي، جنهن 16 رنز عيوض پنج وڪيٽون ورتيون.

ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 38 ميچز ۾قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز وسيم اڪرم وٽ آهي.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ ڪپتان جي حيصيت سان عمران خان 22 ميچز ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪئي ،جنهن مان کيس 14 ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.

ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ قومي ٽيم هڪ ميچ ۾ سڀ کان وڏو ٽوٽل زمبابوي جي ٽيم خلاف اسڪور ڪيو، جيڪو 350 رنز هو، جيڪو 2007 ۾ ٺاهيو، جڏهن ته قومي ٽيم جو گهٽ ۾گهٽ ٽوٽل ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ 74رنز آهي، جيڪو ٽيم انگلينڊ خلاف اسڪور ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*