وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد جي ٻاهر علاج ڪرائڻ لاءِ ويزا ڏئي ڇڏي

وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد احمد نواز جي ٻاهر علاج ڪرائڻ لاءِ ويزا ڏئي ڇڏي آهي، مصدق ملڪ چيو آهي ته زخمي شاگرد جو اعلاج ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ضرورت پوڻ تي ويزا ۾ واڌ ڪئي ويندي.

پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد احمد نواز کي وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ پاران پرڏيهه علاج لاءِ ويزا ڏني وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، فرقيواريت جي آڙ ۾دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته زخمي شاگردن جو علاج ڪرائڻ حڪومت جي ذميوراي آهي، پرڏيهه ۾ علاج لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، ضرورت پوڻ تي ويزا ۾ واڌ ڪئي ويندي.

مصدق ملڪ جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*