ڀان سيد آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڀان سيد آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران  ڀان سيد آباد ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن امداد سولنگي، اصغر سولنگي، حافظ بخشل سيهڙ ٻين چيو ته شهر ۾ 17 کان 22 ڪلاڪ بجلي جي لوشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪارروبار متاثر ٿي رهيو آهي.

بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهري پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن ، جڏهن ته گرڊ انتظاميه شادين ۽ ٻين فنڪشنن لاءِ پيسا وٺي بجلي کولي ڇڏين ٿا پڇڻ تي پي ڊي سي

سکر جو بهانو ڄاڻايو پيو وڃي جنهن ڪري بجلي تي هلندڙ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي  هنن آخر ۾ چاتاءُ ڏنو ته ڀان سيد آباد شهر ۽ ٻهراڙين ۾ بجلي جي هٿراڌو

لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ  وي بند ڪري ٽريفڪ جام ڪئي ويندي جنهن جو ذميوار سيپڪو سکر ۽ گرڊ ڀان جي انتظاميه هوندي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*