چين جي هڪ گودام ۾ باهه لڳي وڃڻ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا

چين جي هڪ گودام ۾ باهه لڳي وڃڻ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، امدادي ڪارڪنن 6 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو.

صوبي گوانگڊانگ جي هڪ هول سيل مارڪيٽ ۾ عمارت جي چوٿين ماڙ تي قائم گودام ۾ رات جو ڏيڍ وڳي باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت تائين پکڙجي وئي.

رپورٽس موجب باهه لڳڻ سبب عمارت جي هڪ حصي ۾ قائم سئنيما اندر 10 ڄڻا ڦاسي پيا، جن کي امدادي ڪارڪنن ڪڍي ورتو، امدادي ڪارڪنن موجب عمارت مان وڌيڪ 20 ڄڻن کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو.

امدادي ڪارڪنن 6 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*