سنڌ حڪومت کي شڪارپور سانحي جو ذميوار قرار نه ڏنو هو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته شڪارپور ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ جي ماسٽر مائينڊ  جي ڪافي حد تائين ڄاڻ ملي چڪي آهي، پر سڪيورٽي سببن جي ڪري وڌيڪ نٿو ٻڌائي سگهجي، دهشتگردن کان رت جي هڪ هڪ ڦـُڙي جو حساب ورتو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وضاحت ڪئي ته هـُن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ حڪومت کي شڪارپور سانحي جو ذميوار قرار نه ڏنو هو.

هن چيو ته شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، مسجد ۾ آپگهاتي حملو  ڪندڙ جي سسي ۽ پير ملي ويا آهن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته شڪارپور سانحي جي ماسٽر مائينڊ بابت گهڻي حد تائين اڳڀرائي ٿي آهي، سڪيورٽي سببن جي ڪري حملي آور بابت واضح نٿو ٻڌائي  سگهجي.

چوڌري نثار چيو ته شڪارپور سانحي ۾ ملوثن کي ڪيفر ڪردار تائين  پهچايو ويندو، گرفتار ڪيل درزي کان به پڇا ڳاڇا جاري آهي، دهشتگردن کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته شڪارپور سانحي تي وفاقي حڪومت تي تنقيد اجائي آهي، ماضي ۾ ڪيترائي دهشتگردي جا واقعا ٿيا، جتي وزيراعظم سميت ڪو به وزير نه ويو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته قومي ايڪشن پلان تي سموري قوم متحد آهي، دهشتگردن کان رت جي هڪ هڪ ڦـُڙي جو حساب ورتو ويندو.

هن چيو ته پشاور ۾ اسڪول تي حملي کانپوءِ سڏڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ محسوس ڪيا، سانحي کانپوءِ آرمي چيف افغانستان جو به دورو ڪيو.

چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته افغانستان، خاطري ڪرائي آهي ته دهشتگردي خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*