ٻولي ۽ ثقافت هٿيارن کان وڌيڪ طاقت رکن ٿا مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزارتون قائم ڪرڻ سان ٻولي ۽ ثقافت کي نه ٿو بچائي سگهجي، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوفي ازم کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران ڪوٺايل لوڪ ادب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ٻولي ۽ ثقافت هٿيارن کان وڌيڪ طاقت رکن ٿا، ٻڌي ۽ ڀائيچاري سان دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻجي سگهي ٿو.

هن چيو ته وزارتون قائم ڪرڻ سان ٻولي ۽ ثقافت ک نٿو بچائي سگهجي، ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ وزيرن ۽ سڪريٽريز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

خورشيد شاهه چيو ته خالد محمود سومرو جي قاتلن کي 12 ڏينهن اندر گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي مولانا فضل الرحمان کي شاباش ڏيڻ گهرجي.

مخالف ڌر اڳوڻ خورشيد شاهه جو اهو به صوفي ازم  هميشه ٻڌي، امن ۽ ڀائيچارو جو درس ڏنو آهي، جنهن کي هٿي ڏيارڻ جي سخت ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*