گذريل 10 سالن دوران هڪ سئو ارب کان وڌيڪ وڻن جي واڍي ڪئي وئي عمران خان

خيبرپختوخواهه حڪومت ٽمبر مافيا خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته گذريل 10 سالن دوران هڪ سئو ارب کان وڌيڪ وڻن جي واڍي ڪئي وئي، ٽمبر مافيا خلاف عدالت مان جاري ڪيل اسٽي ختم ڪرايا ويندا.

مانسهره ۾ هزاره يونيورسٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته  وڻن جي واڍي جا سڌي ريت موسم تي اثر پوندا آهن، ٽمبر مافيا ٻيلي ڱاتي سان گڏجي 40 هزار کان وڌيڪ وڻن جي واڍي ڪئي، جن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته عالمي معاهدي تحت جيترا وڻ لڳايا ويندا اوترا پئسا ڏنا ويندا آهن، ٽمبر مافيا خلاف عالتن ۾ وڃي جاري ڪيل اسٽي ختم ڪرايا ويندا.

ان موقعي تي خيبرپختوخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته ٽمبر مافيا خلاف قدم کنيا پيا وڃن، جنهن لاءِ لاڳياپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هن چيو ٽمبر مافيا جي خاتمي لاءِ ٻيلي کاتي جي گارڊز کي لائسنس وارا هٿيار به فراهم ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*