ڀريا سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد شفيق سولنگيءَ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پوليس اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ نوشهرو فيروز ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

n froze sulangi

ڀريا سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد شفيق سولنگيءَ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پوليس اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ نوشهرو فيروز ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 محمد هاشم کوسو ۽ عزيزالله ٻوهيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

هنن چيو ته ڀريا سٽي پوليس  شاگرد شفيق سولنگي کي گهران گرفتار ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ بيگناهه ماري ظلم ڪيو آهي.

هنن چيو ته شاگرد شفيق سولنگي جو قتل ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار ڄاڻايل اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪا ناانصافي آهي.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شاگرد شفيق سولنگي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پوليس عملدار ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري نوجوان  شاگرد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*