مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾قتل ٿي ويل شاگرد مشال خان جي والد ڪيس هري پور اي ٽي سي منتقل ڪرڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو

mishal khan

مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾قتل ٿي ويل شاگرد مشال خان جي والد ڪيس هري پور اي ٽي سي منتقل ڪرڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيس ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن، جيڪي ٽرائل تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

شاگرد مشال خان جي والد اقبال خان ڪيس هريپور اي ٽي سي منتقل ڪرڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مردان ۾ سڪيورٽي خدشا آهن، جنهن ڪري وارث پيروي نٿا ڪري سگهن، قتل ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن، جيڪي ٽرائل تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ڪيس هري پور اي ٽي سي يا ڪنهن ٻئي مناسب هنڌ منتقل ڪيو وڃي، سڪيورٽي خدشن سبب ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*