سکر ۾ بمبلي مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جي گهر ٻاهران بک هڙتال ڪئي

Sukkur-2-12

سکر ۾ بمبلي مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جي گهر ٻاهران بک هڙتال ڪئي.

امتياز احمد ۽ عبدالله مهر جي اڳواڻي ۾ آبادگارن خورشيد احمد شاهه جي گهر ٻاهران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بمبلي مائينر ۾ بااثر زميندار آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٽيوب ويل لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي سگهي.

هنن چيو ته بمبلي مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري سندن سوين ايڪڙ زمين بنجر ٿي رهي آھي.

آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بمبلي مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*