آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع ۽ سلامتي وارن چيلنجز کان چڱي ريت آگاهه آهي

army chief

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع ۽ سلامتي وارن چيلنجز کان چڱي ريت آگاهه آهي، ڀارت جي ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايل او سي جو دورو ڪري اڳين مورچن جو جائزو ورتو ۽ ڊيوٽي تي موجود جوانن سان ملاقات به ڪئي، ان دوران آرمي چيف کي سرحدي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.

جنرل قمر جاويد باجوه ڀارتي جارحيت خلاف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج هر اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي، ڀارتي اڳرائين خلاف ڪشميرين جي همت کي سلام پيش ڪيون ٿا.

جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هوته پاڪستان ڪشميرين جي حقن لاءِ جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*