ٽنڊي محمد خان ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن ميرپور خاص ۾ هفتو اڳ قتل ڄاڻايل عورت جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

t adam qatal

ٽنڊي محمد خان ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن ميرپور خاص ۾ هفتو اڳ قتل ڄاڻايل عورت جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ قبول ڪيريو جي رهواسي ڪولهي برادري جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارن تيزيو ڪولهي ۽ ضامي ڪولهي جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تي احتجاجي  مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته هفتو اڳ ميرپورخاص جي ڳوٺ دولت لغاري ۾ 17 ساله شريمتي همديءُ ڪولهي کي سندس مڙس هميرو ڪولهي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

همديءُ ڪولهي جي والد تيزيو ڪولهي ۽ امڙ ضامي ڪولهي دانهيندي چيو ته پوليس سندن ڌيءُ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته قتل جو ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*