جوهي شهر جي گٽرن جو پاڻي قبرستان ۾ بيهي ويو آهي، شهرين ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گٽر نالين مٿان ٿيل اڏاوتون ختم ڪرائي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

johi qabrstan me pani

جوهي شهر جي گٽرن جو پاڻي قبرستان ۾ بيهي ويو آهي، شهرين ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گٽر نالين مٿان ٿيل اڏاوتون ختم ڪرائي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

شهر جي  قبرستان واصل فقير ۾ گٽرن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿيل آهي، جنهن سان قبرن کي نقصان پهچي رهيو آهي.

شهرين قاضي محمد شريف، بلاول مستوئي، شڪيل سومرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  بااثر ماڻهن ڊرينيج سسٽم مٿان غير قانوني اڏاوتون جوڙائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب  شهر جي گٽرن جو پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران قبرستان ۾ وهي رهيو آهي.

هنن ٻڌايو ته واصل فقير قبرستان ۾ناليواري شاعر احمد خان مدهوش، ٻاراڻي ادب جي وڏي نالي اڪبر جسڪاڻي سميت مشهور شخصيتن جون قبرون آهن، اتي گندي پاڻي جي ٻوڏ آيل آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا لاتعلق بڻيل آهي ۽ پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي.

 شهرين مطالبوڪيو ته ڊرينيج سسٽم مٿان جوڙايل غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرائي قبرستان ۾ بيٺل گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*