سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته حڪمرانن پاڻ لاءِ اهي ئي دڳ کولي ڇڏيا آهن جنهن ذريعي هو پاڻ ايندا هئا ۽ تڪليفون سٺيندا هئا

Javed-Hashmi-24317

سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته حڪمرانن پاڻ لاءِ اهي ئي دڳ کولي ڇڏيا آهن جنهن ذريعي هو پاڻ ايندا هئا ۽ تڪليفون سٺيندا هئا.

ايم اين اي جمشيد دستي سان ملاقات لاءِ ملتان سينٽرل جيل ۾ ملاقات لاءِ آيل جاويد هاشمي چيو ته جمشيد دستي هڪ غريب ماڻهو آهي ۽ اهو ئي سندس ڏوهه آهي ته هو غريب آهي.

سينئر سياستدان چيو ته جمشيد دستي پاڻي چوري نه ڪيو هو پر غريب هارين لاءِ کوليو هو، جمشيد دستي سان ملاقات نه ڪرڻ ڏيڻ انتهائي غلط ڳالهه آهي.

جاويد هاشمي چيو ته جيل جي تڪليف جي ڄاڻ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي ٿي سگهي ٿي، عابد شير علي به ساڳي ئي جيل ۾ رهي چڪو آهي، کيس اهڙي معاملي تي سوچڻ گهرجي.

هن چيو ته جيل ۾ هر هڪ گذرندڙ لمحو تڪليف سان ڀريل هوندو آهي، حڪمران اهو رستو بند ڪري ڇڏين جنهن ذريعي اهي پاڻ ايندا آهن ۽ تڪليف سٺيندا آهن.

جاويد هاشمي چيو ته حڪمران ٻين لاءِ به اهي رستا بند ڪري ڇڏين جنهن مان اهي تڪليفون سٺيندا رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*