نوابشاهه ۾ گپچاڻي جي رهواسي عبدالعزيز گپچاڻي پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان ڀاءَ ۽ ٻارن سان گڏ احتجاج ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ گپچاڻي جي رهواسي عبدالعزيز گپچاڻي پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب  اڳيان ڀاءَ ۽ ٻارن سان گڏ احتجاج ڪيو.

عبدالعزيز گپچاڻي چيو ته منهنجي خلاف رجب علي ۽ علم الدين وارن به پهرين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ها، جيڪي عدالت ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن، تنهن هوندي گپچاڻي پوليس ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.

هن چيو ته منهنجون ٻه ڪارون آهن، جن ذريعي روزي ڪمائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان.

عبدالعزيز گپچاڻي چيو ته هڪ ڪار گپچاڻي پوليس ۽ ٻي ڪار اي سيڪشن پوليس ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي آهي، جنهن ڪري مان بيروزگار ٿي ويو آهيان.

عبدالعزيز گپچاڻي ايس ايس پي ضلعي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته مون کي ڪارون واپس ڪرائي ڏئي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*