سنڌ اسيمبلي ۾ معذور ڪوٽا تي عمل ۽ سندن بحالي وارو بل منظور ڪيو ويو

سنڌ اسيمبلي ۾ معذور ڪوٽا  تي عمل ۽ سندن بحالي وارو بل منظور ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ 40 سيڪڙو اسڪول بند هئڻ بابت ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جي التويٰ واري رٿ کي رد ڪيو ويو، نثار کهڙي چيو آهي ته  سنڌ ۾ اڍائي هزار گوسڙو استادن کي معطل ڪيو ويو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري وزير سڪندر منڌرو سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل ۽ سندن بحالي وارو بل پيش ڪيو جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي محمد حسين سنڌ ۾ 40 سيڪڙو اسڪول بند هئڻ بابت التويٰ واري رٿ پيش ڪئي، جنهن جي تعليم واري وزير پاران مخالف ڪرڻ سبب رٿ رد کي رد ڪيو ويو.

تعليم واري وزير چيو ته ماضي جي حڪومت ۾ به اسڪول بند هئا، پ پ حڪومت نيون ڀرتيون ڪري وڏي انگ ۾ اسڪول کولرايا آهن.

هن چيو ته گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جاري آهي ۽ هيل تائين اڍائي هزار استادن کي معطل ڪيو ويو آهي.

اجلاس  دوران متحده جي مختلف ميمبرز پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ مڪاني ادارن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ روزانو هڪ سئو ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي ۽ اڄ ڪلهه  شهر کي 60 ميلن گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ 30 ميلن گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪيم تي ڪم هلي رهيو آهي.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 180 فائر برگريڊ گاڏيون خريد ڪرڻ چاهي ٿي پر هڪ ماڻهو عدالت ۾ ويو آهي، عدالت جو جيئن ئي فيصلو آيو ته جلد کان جلد جديد قسم جون فائربرگيڊ گاڏيون خريد ڪيون وينديون.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ بجلي ڪمپنيز کي 80 ڪروڙ رپيا فراهم ڪري رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*