شيخ رشيد کان پيسا گهرندڙ شخص ملڪ نور اعواڻ جو چوڻ آهي ته هُو شيخ رشيد کان 1998ع کان پيسا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

malik noor sheikh rasheed

شيخ رشيد کان پيسا گهرندڙ شخص ملڪ نور اعواڻ جو چوڻ آهي ته هُو شيخ رشيد کان 1998ع کان پيسا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هو پيسا ڏين بدران مٿس ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ نور اعواڻ جو چوڻ هو ته شيخ رشيد منهنجي خلاف وڌيڪ هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

هن چيو 2 سال اڳ هن اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي شڪايت به داخل ڪرائي هئي، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي.

هن چيو ته منهنجي شيخ رشيد سان ڪا ذاتي دشمني ناهي آئون رڳو پنهنجا پيسا گهري رهيو آهيان، شيخ رشيد طاقتور ۽ آئون ڪمزور آهيان جنهن ڪري ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

ملڪ نور اعواڻ جو چوڻ هو ته ڪجهه سال اڳ شيخ رشيد کيس ايئرپورٽ تي مليو ته هن پنهنجا پيسا گهريا جنهن تي شيخ رشيد پيسا موٽائڻ جي خاطري به ڪرائي هئي.

ملڪ نور جو چوڻ هو ته شيخ رشيد کان پيسا وٺڻ لاءِ 1998 هو مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۽ هاڻي هو عدالتن کان انصاف طلب ڪندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*