ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا 16 هين سحري تي به بجلي فراهمي بند ڪري ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا رکيو

karachi loadsheding

ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا 16 هين سحري تي به بجلي فراهمي بند ڪري ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا رکيو، ڪراچي جا ڪيترائي علائقا اوندهه ۾ ٻڏل رهيا، پر ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا فالٽ ۽ فني خرابي جهڙا روايتي عذر پيش ڪندي رهي.

رات جي وقت لياقت آباد، ايف بي ايريا، گلشن اقبال، ناظم آباد، ملير، لانڍي، پاڪ ڪالوني، لياري، ڪياماڙي ۾ بجلي بند رکي وئي.

سرجاني ٽائون، بلديا ٽائون، ڪورنگي، نيو ڪراچي، گلستان جوهر، محمود آباد، چنيسر ڳوٺ، منظور ڪالوني واسي به بجلي کان محروم رهيا.

بجلي فراهمي بند هئڻ ڪري شهرين سحري جي تيارين ۾ ڏکيائين سان گڏ ٻوسٽ کي به سٺو، پر ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا فني خرابي ۽ فالٽ جهڙا جا روايتي عذر پيش ڪندي رهي.

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي من مستين جو نوٽيس وٺي گرمي جي مند ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*