افغان مهاجرن جي واپسي بابت سازگار ماحول جوڙيو پيو وڃي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

پاڪستان، هلندڙ سال جي آخر تائين افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته افغان پناهگير سندن ڀائر آهن، بهتر ماحول ۾ واپسي ڪئي ويندي، چيني هلندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان ۾ 16 لک اڻ رجسٽرڊ ٿيل افغان موجود آهن ۽ ايتري ئي انگ ۾ غير قانوني طور به افغاني ترسيل آهن.

هن چيو ته افغان مهاجرن جي واپسي بابت سازگار ماحول جوڙيو پيو وڃي، هلندڙ سال جي آخر تائين کين واپس موڪليو ويندو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته چيني پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي، سندس دوري دوران چيني صدر جي دوري جي تاريخن بابت ڳالهيون ٿينديون.

تسنيم اسلم اميد ظاهر ڪئي ته چيني صدر هلندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا چاهي ٿو پر ان ۾ واڌ سان طاقت جي زور تي نوان مرڪز کولڻ جا موقعا پيدا ٿيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*