لاهور هاءِ ڪورٽ شريف ڀائرن خلاف نيب ريفرنسز ٻيهر کولڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ، شريف ڀائرن خلاف نيب ريفرنسز ٻيهر کولڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ريفري جج ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ريفرنسز مشرف دور ۾ سياسي بنيادن تي قائم ٿيا، ٻيهر نٿا کولي سگهجن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج، جسٽس سردار شميم شريف ڀائرن خلاف نيب ريفرنس ٻيهر کولڻ خلاف قومي احتساب بيورو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب پاران درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته حديبه پيپر مل ۽ اتفاق فائونڊري ريفرنس ٻيهر کوليا وڃن.

عدالت، نيب جي ريفرنس کولڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته مشرف دور ۾ ريفرنس سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا، ٻيهر نٿا کولي سگهجن.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ شريف ڀائرن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي هئي، جن مان هڪ جج مخالفت ۽ ٻي جج حمايت ڪئي هئي، جنهن بعد ڪيس ريفري جج ڏانهن موڪليو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*