نوازليگ عدليه ۽ ادارن خلاف تقرير ڪرڻ تي سينيٽر نهال هاشمي کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي

nihal hasmi

نوازليگ عدليه ۽ ادارن خلاف تقرير ڪرڻ تي سينيٽر نهال هاشمي کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

نهال هاشمي جي تقرير بعد پي ايم ايل اين جي صدر ميان نوازشريف معاملي جي جاچ لاءِ راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن معاملي جي جاچ بعد تقرير کي پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.

جاچ ڪميٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نهال هاشمي کي پارٽي مان خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن جي آڌار تي جوشيلي تقرير ڪندڙ اڳواڻ کي نوازليگ مان ئي نيڪالي ڏئي وئي آهي.

واضح رهي ته نهال هاشمي وزيراعظم جي هدايت تي سينيٽ جي رڪنيت تان استعفيٰ ڏني هئي بعد ۾ هن دٻاءُ جو جواز ڄاڻائي استعفيٰ واپس وٺي ڇڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*