ڪوئيٽا ڀرسان سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، هڪ اهلڪار فوت 5 زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا  ڀرسان سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار فوت ٿي ويو ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، ڪولپور ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي موڙ ڪٽيدي ڪلٽي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار فوت ٿي ويو ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، فوتي اهلڪار ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمي اهلڪارن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

چيو پيو وڃي ته سڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هو معمول جي گشت تي وڃي رهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*