پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو
پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، رحمان ملڪ پرڏيهه ۾ هئڻ ڪري جي آءِ ٽي کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.
جي آءِ ٽي رحمان ملڪ کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته هو سڀاڻي ذاتي طور پيش ٿئي.
رحمان ملڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رحمان ملڪ 9 جون کان پرڏيهه ۾ آهي ۽ هو وطن واپسي تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو.
ترجمان موجب رحمان ملڪ جي آءِ ٽي کي ٻي تاريخ ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.