سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن پاناما ليڪس جي آءِ ٽي جي ڪارروائي کليل نموني هلائڻ جي گهر ڪندي

aitzaz-hassan-politician-Islamabad-24816

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن پاناما ليڪس جي آءِ ٽي جي ڪارروائي کليل نموني هلائڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته هاءِ 5 سال اهو ٻڌي ڪن پچي پوندا ته وزيراعظم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو آهي.

لاهور ۾ ميڊِيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تنهنڪري جي آءِ ٽي جي ڪارروائي کلئي نموني ڪئي وڃي.

اعتزاز احسن چيو ته ڪميٽي جي اها به جاچ ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙا ذريعا هئا، جن تي ٽيڪس ناهي ڏنو ويو.

هن چيو ته ڪميٽي سنجيدگي سان ڪم ڪري ته ڏيڍ ڪلاڪ ۾ پاناما جو سمورو مسئلو حل ٿي ويندو آهي.

اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارليامنٽ هائوس ۾ شيخ رشيد سان جيڪو ٿيو، اهو مذمت جوڳو عمل هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*