پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي چيو آهي ته صوبن کي آئين موجب گيس ڏني پئي وڃي

shahid khakhan

پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي چيو آهي ته صوبن کي آئين موجب گيس ڏني پئي وڃي، ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي گيس جا اگهه نه وڌايا ويندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاڪان عباسي چيو ته  18 هين ترميم بعد  سئي ناردرن  کي گيس جي  33 سيڪڙو کوٽ هئي، جنهن جي حصي ۾ هاڻي واڌ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته صوبن ۾ آئين موجب گيس ورهائي پئي وڃي، هُو ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي گيس جا اگهه نه وڌائيندا.

پيٽروليم واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ جي 98 کان وڌيڪ هنڌن تي گيس دريافت ٿي آهي، گذريل 4 مهينن دوران  ڪچي تيل  جا 4 ۽ گيس جا  5 ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن، جنهن سان ملڪ جي توانائي بحران تي ڪافي حد تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*