محرابپور ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

meharabpur

محرابپور ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عبدالرزاق ميمڻ ۽ ظهير شاهه جي اڳواڻي ۾ شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري گئس انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته گئس انتظاميه شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي پريشان ڪري رهي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*