بجلي ۽ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي

johi

بجلي ۽ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي،  شهرين شديد گرمي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ۽ گيس بند رکڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

جوهي ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف مذهبي تنظيمن پاران نور محمد شاهه، اسد الله سرهيو، فاروق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽيڪسي اسٽاپ  آڏو جوهي – دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو.

محرابپور ۾شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ظهير علي شاهه، رزاق ميمڻ، شفيق آرائين  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين  اسٽيشن روڊ کان احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

باڊهه ۾سيپڪو خلاف دودي ديشي، نور محمد بليدي ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

مظاهرين چيو ته سيپڪو  عملدار  شهر جي ڀٽي چوڪ، بليدي پاڙي، بروهي پاڙي، حيدر چوڪ ۽ ٻين پاڙن جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته ايس ڊي او سب ڊويزن نصيرآباد ڄاڻي واڻي باڊهه شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرائي رهيو آهي، جنهن سان روزيدارن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر مان سڙيل ٽرانسفارمر جلد تبديل ڪري هٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*