پنوعاقل جي عدالت ۾ حاضري تي آيل سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيڻ سبب پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

pano akil siyal

پنوعاقل جي عدالت ۾ حاضري تي آيل سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيڻ سبب پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، هڪ ڌر پاران ڊي ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.

عدالت ۾ حاضري تي آيل سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙر ٿي پيو،  جنهن دوران پوليس ڪارروائي ڪري شوڪت سيال ۽ اسرار سيال کي گرفتار ڪري ورتو.

جهيڙي بعد هڪ ڌر جي مرد ۽ عورتن پاران ڊي ايس پي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيوته برادري جي بااثر عباس سيال حاضري تي آيل اسان جي ٻن ڄڻن اسرار ۽ شوڪت سيال کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ عدالت ٻاهران پوليس بيهاري هئي.

هنن چيو ته پوليس اسرار ۽ شوڪت سيال کي بيگناهه گرفتار ڪري کڻي وئي آهي.

هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس کان مطالبوڪيو ته گرفتار ٿيل اسرار ۽ شوڪت سيال کي آزاد ڪري ملوٽ بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

بائجي پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙي بعد ٻن ڄڻن کي تحويل ورتو ويو ، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون بعد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*