جي آءِ ٽي پاناما ڪيس جي جاچ ۾ رنڊڪن ۽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي رپورٽس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون

supreme court

جي آءِ ٽي پاناما ڪيس جي جاچ ۾ رنڊڪن ۽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي رپورٽس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، عدالت، اٽارني جنرل کان رپورٽس تي جواب طلب ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ جا ڏور رس نتيجا به اچي سگهن ٿا.

سپريم ڪورٽ جي خصوصي بئنچ پاناما ليڪس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جي آءِ ٽي ڪيس جي جاچ ۾ رنڊڪن بابت رپورٽ پيش ڪندي الزام هنيو ته مختلف ادارن جي رڪارڊ ۾ ڦير گهير ڪئي پئي وڃي ۽ اهم دستاويزن جي فراهمي ۾ اجائي دير ڪئي وڃي ٿي.

عدالت جي آءِ ٽي پاران بيان ڪيل رنڊڪن بابت اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪيو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اعتراض نه هجن ته رپورٽ حسين نواز جي وڪيل خواجا حارث کي به ڏئي سگهجي ٿي.

اٽارني جنرل چيو ته کين ڪو اعتراض ناهي، عدالت چيو ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي کي اعتراض نه هجي ته ان رپورٽ کي پبلڪ به ڪري سگهجي ٿو.

عدالت چيو ته جاچ کي روڪي نه ٿو سگهجي، جي آءِ ٽي کي محدود وقت اندر جاچ مڪمل ڪرڻي آهي، مدي ۾ واڌ نه ٿي ڪري سگهجي، تنهنڪري جاچ ۾ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن.

هڪ موقعي تي جسٽس اعجاز افضل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان هڪ شخص نه پر وفاق جي نمائندگي ڪريو، ان کان وڌيڪ اوهان کي ڪجهه نه ٿا چئون.

 عدالت چيو ته اٽارني جنرل صاحب! ادارن جا سربراهه جاچ کانپوءِ ڪيئن ٿا سپريم ڪورٽ کي خط لکن، ڇا حڪومت کي سونهين ٿو ته جي آءِ ٽي جو سپريم ڪورٽ کي لکيل ليٽر ميڊيا حوالي ڪري؟

حسين نواز جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ جي وڊيو رڪارڊنگ روڪي وڃي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته سيڪشن 162 تحت وڊيو رڪارڊنگ تي ڪا پابندي ناهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته وڊيو رڪارڊنگ جو مقصد ٽرانسڪرپٽ جي تياري ۾ مدد آهي، باقي اها رڪارڊنگ ڪنهن به جوابدار خلاف استعمال نه ٿيندي.

حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪئي وئي، جسٽس اعجاز افضل اٽارني جنرل ۽ حسين نواز جي وڪيل کي چيو ته اوهان جي آءِ ٽي خلاف اعتراض به داخل ڪرائي سگهو ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*