ڊيرا غازي خان ۾مسافر ڪوچ ۽ مزدا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه واسي مزدا ڊرائيور سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو

dera ghazi khan

ڊيرا غازي خان ۾مسافر ڪوچ ۽ مزدا ۾ ٽڪر  جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه واسي مزدا ڊرائيور  سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور سراج احمد  سومرو  ۽ سندس ساٿي حاڪم علي سومرو موقعي تي فوت ٿي ويا.

محمودا باغ ۾ اطلاع ملڻ تي فوتين جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو، جڏهن وارث لاش کڻائڻ لاءِ ڊيرا غازي خان روانا ٿي ويا آهن.

وارثن موجب ڊرائيور سراج احمد سومرو ساٿي حاڪم سومرو سان گڏ خانپور کان ٽماٽا کڻي ملتان وڃي رهيو هو ته سندس مزدا ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*