قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سڀاڻي اليڪشن ٽربيونل لاهور آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، سڀاڻي اليڪشن ٽربيونل لاهور آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اياز صادق اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي بابت بيان رڪارڊ ڪرائيندو، عمران خان جي وڪيل پاران آڏي پـُڇا پڻ ڪئي ويندي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور، اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ سربراهه عمران جي درخواست تي اسپيڪر اياز صادق کي 7 فيبروري تي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ذريعن موجب، اياز صادق اليڪشن ٽربيونل آڏو سڀاڻي پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اياز صادق، اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي بابت بيان رڪارڊ ڪرائيندو، جڏهن ته لوڪل ڪميشن جي رپورٽ تي عمران خان جي وڪيلن پاران کائنس آڏي پڇا پڻ ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، اياز صادق، فيصلي کان اڳ عمران خان پاران کيس نااهل قرار ڏيڻ واري بيانن تي پڻ پنهنجي خدشن کان ٽربيونل کي آگاهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*