پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان مني ٽريل پيش ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي

fawad chodharywad cho

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان مني ٽريل پيش ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي، جي آءِ ٽي ۾ شريف ڪٽنب ڏوهاري ثابت ٿيندو.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي فواد چوڌري چيو ته حنيف عباسي ڪيس ۾ عمران خان جي مني ٽريل جمع ڪرائي وئي آهي، اميد ته سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف درخواست خارج ڪندي.

هن چيو ته عدليا ۽ جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، نواز شريف ملڪ جي عزت جو خيال ڪندي استعيفيٰ ڏئي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تياري شروع ڪري ڏني آهي.

 سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ججز ۽ جي آءِ ٽي خلاف خاص مهم هلائي پئي وڃي، پر ان باوجود نواز شريف جو ڪٽنب جي آءِ ٽي ۾ ڏوهاري ثابت ٿيندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*