پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي رڳو شهباز شريف کي گهرائي ته کيس سمورا جواب ملي ويندا

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي رڳو شهباز شريف کي گهرائي ته کيس سمورا جواب ملي ويندا،جي آءِ ٽي هاڻي پاڻ ئي تڪراري بڻجي رهي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته مرحوم ماڻهن جي ٽيڪس رٽرنز جا رڪارڊ گهرايا پيا وڃن، لڳي ٿو جي آءِ ٽي ميمبرز شريف ڪٽنب تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪري شريف ڪٽنب جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جي آءِ ٽي تصوير ليڪ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڇو نه ڪرايو؟.

راڻا ثناءُ الله چيو ته الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ  ئي ڏوهارين جهڙو ورتا ڪيو پيو وڃي، جي آءِ ٽي نوان اشوز  ٺاهي رهي آهي جيڪا ڳالهه سپريم ڪورٽ جي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي رڳو شهباز شريف کي گهرائي، ته کيس سمورا جواب ملي ويندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم جي پيشي وقت ڪارڪنن کي گڏ ٿيڻ جو ناهي چيو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*