ميرپوربٺوري ۾بدامني خلاف واپارين ۽ عام شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو

mirpur batoro

 ميرپوربٺوري ۾بدامني خلاف واپارين ۽ عام شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

سينئر استاد پالو مل جي دڪان مان ٿيل چوري واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران عرفان خواجا ، حاجي موسي کٽي، ايڊووڪيٽ چندر شرما ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته ميرپوربٺوري شھر ۾ وڌندڙ چورين سبب شهري غير محفوظ بڻجي ويا آھن، پر پوليس عملدار ڏوھارين جي پُٺڀرائي ڪري رھيا آھن.

 هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينھن جي اندر شھر مان ٿيل سموريون چوريون واپس ڪرائي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي کي نه ھٽايو ويو ته شهر ۾شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*