نوابشاهه ۾ سڪرنڊ جي رهواسي پورهيت غلام شبير رند پٽ عابد علي جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ سڪرنڊ جي رهواسي پورهيت غلام شبير رند پٽ عابد علي جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو.

پورهيت غلام شبير رند چيو ته سڪرنڊ پوليس ون فائيو جي انچارج امان الله مري گهر ۾ داخل ٿي مٿس تشدد ڪيو ۽ پٽ عابد علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته پوليس پنج ڏينهن بعد دوڙ ٿاڻي تي پٽ عابد علي تي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

 پورهيت چيو ته شڪ آهي ته پوليس منهنجي پٽ عابد علي کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف يا فل فرائي ڪري ڇڏيندي،کيس جلد آزاد ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*