ميرپور بٺوري ۾گنج بحر ڪئنال ۽ ٻين واهن ۾پاڻي مسلسل بند هئڻ خلاف آبادگارن ۽ٻين شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو

mirpur batro pani

 ميرپور بٺوري ۾گنج بحر ڪئنال ۽ ٻين واهن ۾پاڻي مسلسل بند هئڻ خلاف آبادگارن ۽ٻين شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي عملدار سندن حصي جو پاڻي سجاول ۽ جاتي جي بااثرن کي ڏئي سندن نقصان ڪري رهيا آهن.

گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان وھندڙ شاخن گھاڙي واھه ، شاهه واھه ، فتح واھه ۽ ٻين واھن ۾ پاڻي جي بندش خلاف نوجوان زئور اتحاد پاران شهرين ٽائون ڪاميٽي ميرپوربٺوري جي وائيس چيئرمين ماما صديق سوھو ، عمران زئور ، منور زئور ، شاھد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کورواھ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدارن گنج بحر ڪئنال ۽ ٻين شاخن جوپاڻي سجاول ۽ جاتي جي بااثر آبادگارن کي خوشامد طور ڏئي سندن وڏو نقصان ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ڪمند جو فصل ۽ سارين جو ٻيجارو سُڪي رھيو آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته گنج بحر واهه ۾ پاڻي ڇڏي آبادگارن کي وڌيڪ معاشي بد حالي کان بچايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*