ڊاڪٽر طاهر القادري 16 نومبر تي ڏيهه واپس ورڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري 16 نومبر تي ڏيهه واپس ورڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قوم مايوس نه ٿئي حڪومت سان ڪا ڊيل ناهي ٿي.

پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ڪجهه ڏينهن ڪينيڊا ۾ ترسڻ بعد نيويارڪ پهچي ويو آهي، جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.

نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادر چيو ته حڪومت سان ڊيل جون خبرون بي بنياد آهن، حڪومت سان ڊيڊلاڪ برقرار آهن، قوم مايوس نه ٿئي.

طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي ايف آءِ آر تي ڪا به گرفتاري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪارڪنن خلاف ڪيس واپس ورتا ويا آهن.

هن چيو ته ڌرڻي جي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ تي افواهه ڦهلايا ويا جيڪي بي بنياد آهن، حڪومت سان ڪو معاهدو ناهي ٿيو.

طاهر القادري وڌيڪ چيو ته هو 16 نومبر تي پاڪستان واپس ويندو ۽ وطن واپسي کان اڳ هو برطانيه ۾ رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*