سکر ويجهو پوليس ڪراچي ويندڙ ڪوچ تي ڇاپو هڻي هڪ مسافر کان 12 سئو گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Sukkur-2-12

سکر ويجهو پوليس ڪراچي ويندڙ ڪوچ تي ڇاپو هڻي هڪ مسافر کان 12 سئو گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ايڪسائيز پوليس پشاور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ کي روڪي تلاشي ورتي، هڪ مسافر جي قبضي مان 1200 گرام چرس هٿ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.

ڊويزنل ايڪسائيز انٽيليجنس آفيسر عبدالرحمان راڄڙ موجب مسافر دوست محمد باجوڙ کان ڪراچي وڃي رهيو هو. مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*