اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط لکي تجويز ڏني آهي

khursheed shah isb

اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط لکي تجويز ڏني آهي ته فنانس ذريعي حڪومت اهڙا ڪيترائي ٽيڪس مڙهڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن سان عام ماڻهو خاص طور تي آبادگار طبقو متاثر ٿيندو، جنهن ڪري ٽيڪس گهٽ ڪيا وڃن يا انهن کي ختم ڪيو وڃي.

  سيد خورشيد شاهه ناڻي واري وزير کي خط لکي تجويز ڏني آهي ته بيلا روس ٽريڪٽر تي لاڳو 35 سيڪڙو انپورٽ ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي.

خط ۾  اها به تجويز ڏني وئي ته زرعي زمين جي ڀاڻ تان سمورا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته جئين آبادگارن کي رليف ملي سگهي.

خورشيد شاهه تجويز ڏني ته آهي کير تي انپورٽ ڊيوٽي 38 سيڪڙو ڪئي وڃي ۽ لوڪل سطح تي تيار ٿيندڙ بائوڊر واري کير تي ٽيڪس 17 کان گهٽائي 10 سيڪڙو لاڳو ڪيو وڃي.

خط ذريعي تجويز ڏني وئي ته فنانس بل ۾ 5 هزار کان 50 هزار رپين واري موبائل فونز تي 650 رپين جي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 250 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي وڃي.

خورشيد شاهه خط ۾ اها به تجويز ڏني ته سگريٽ تي ٽيڪس 32 سيڪڙو کان وڌائي  44 سيڪڙو ڪيو وڃي ته جئين سيڪريٽ جو استعمال گهٽ ٿي سگهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*