سنڌ اسميبلي جو بجيٽ تي بحث بابت اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي

sindh assembly

ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته  19 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر بجلي ڪيڏانهن پئي وڃي خبر نه پئي پوي، وفاقي سرڪار لوڊشيڊنگ وڌائي عوام جي زندگي اجيرڻ بڻائي ڇڏي آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر فيصل سبزواري چيو آهي ته پوري صوبي ۾ هڪ به ضلعو يا تعلقو مثالي ناهي بڻايو ويو، پ پ کي جيڪڏهن 20 سال به ڏنا وڃن ته ڪجهه نه ڪري سگهندي.

سنڌ اسميبلي جو بجيٽ تي بحث بابت اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي.

اجلاس دوران ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته مڪاني حڪومتون مڪاني کاتي واري وزير يا آفيسرن جي ماتحت نه آهي، نمائندن کي اختيار نه ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبر چيو ته بجيٽ انگن اکرن جي شوبازي آهي، سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کانپوءِ 45 سيڪڙو ووٽ مخالف ڌر کي به ڏنا آهن، جنهن کي بلڊوز ڪيو ويو آهي.

فيصل سبزواري چيو ته پوري صوبي ۾ هڪ به ضلعو يا تعلقو مثالي ناهي بڻايو ويو، پ پ کي جيڪڏهن 20 سال به ڏنا وڃن ته ڪجهه نه ڪري سگهندي.

ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته وفاقي حڪومت جون زيادتيون وڌي ويون آهين، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري  شهرين جي زندگي اجيرڻ بڻائي وئي آهي، 19 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ٰ ڪئي پئي وڃي پر بجلي ڪيڏانهن پئي وڃي خبر نه پئي پوي.

اڪرام الله ڌاريجو چيو ته  وڏي وزير  سڀني کاتن تي ڌيان ڏنو جنهن سبب بهتري آئي آهي، اهڙي ڪارڪردگي سبب پيپلز پارٽي 2018 جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي.

ايم پي اي  سرفراز شاهه چيو ته واپڊا پاران غيرقانوني لوڊشيڊنگ جاري آهي، سنڌ سرڪار سولر توانائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منصوبا جوڙي.

سرفراز شاهه ٻڌايو ته هارين ۽ آبادگارن کي آسان قرض ڏئي  صوبي جي زراعت کي هٿي وٺرائي ويندي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته پيپلز پارٽي، سنڌ جا حصا ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي، هو چئي چڪا آهن ته اوهان سنا گڏ سنڌ به اسانجي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*