خانواهڻ ۾ ڳوٺ محمد پريل سيال جي رهواسين پاران پوليس جمعدار سڪندر سيال جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

khanwar

خانواهڻ ۾ ڳوٺ محمد پريل سيال جي رهواسين پاران پوليس جمعدار سڪندر سيال جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

بخشل خان ۽ محمد عرس سيال جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته خانواهڻ ٿاڻي جو جمعدار سڪندر علي سيال ڳوٺاڻن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، سرڪاري ڪلاشنڪوف سان گھرن تي فائرنگ ڪري ڀتو اوڳاڙي ٿو.

هنن چيو ته ڀتو نه ڏيڻ تان جمعدار سڪندي سيال ڳوٺاڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو.

 ڳوٺاڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پوليس جمعدار سڪندر سيال خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*