ڪنڌڪوٽ ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو

kandhkot

ڪنڌڪوٽ ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ جي اولڊ ٽوڙي بند تي پاڻي جو دٻاءُ ٿيندو آهي، جنهن ڪري 15 جون کان پٿر جي پچنگ جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

 ڊي سي منور علي مٺياڻي آبپاشي عملي کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته بندن جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو وڃي، ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ۽ غفلت  برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته روينيو ۽ آبپاشي عملدار پاڻ ۾ هر وقت رابطي ۾ رهن، جئين ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي.

 ڊي سي منور مٺياڻي چيو ته ڪمن جي نگراني لاءِ  ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ اسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس آر رينجرس، ڊي ايس پي ۽ ايس ڊي او شامل هوندا.

اجلاس ۾ انجنيئر اسحاق عباسي، ڊي ايس پي شريف کوسو، ايس آر رينجرز محمد امين، رورينيو، ايرگيشن، هيلٿ، اين جي اوز عملدارن سميت ٻين کاتن جي عمملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*