ڀريا سٽي مڙس توڙي سهري جي مبينا زيادتين خلاف زال جو نهن ۽ پٽن سميت احتجاجي مظاهرو

bhiriya ahtjaj

ڀريا سٽي مڙس توڙي سهري جي مبينا زيادتين خلاف زال جو نهن ۽ پٽن سميت احتجاجي مظاهرو ،مڙس اسان جي جاءِ ۽ ٻي زمين ڀڳڙن مٺ تي کپائي ڀريا روڊ ۾ هڪ عورت کي ويهاري ويٺو آهي اسان کي بيدخل ڪرڻ گهري ٿو اسان سان انصاف ڪيو وڃي متاثر ،خبر موجب ڀريا جي ڳوٺ محمد حسين ڪلهوڙو جي رهواسين عورتن مسمات ارباب خاتون ڪلهوڙو ، پنهنجي ٻن ننهن مسمات حاجاڻي ، مسمات عمراهه توڙي پٽن سوڍل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڀريا سٽي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو دانهيندي مسمات ارباب خاتون ٻڌايو ته مڙس سارنگ ڪلهوڙو جيڪو روينيو کاتي ۾ ڪوٽا ر آهي ان منهنجي پٽن ننهن ۽ مون کي گهر ن ۽ زمين مان بي دخل ڪرڻ گهري ٿو ، سارنگ پاڻ 15 سالن کان گهر ٻار ڇڏي هڪ عورت سان ڀريا روڊ ۾ رهي ٿو گهر ۾ پنهنجي ٻچن جي ڪائي سار سنڀال نه ٿو ڪري ، ٻنهي پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ٿو هنن دانهيندي سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس توڙي آجي سنڌ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته سندن دانهن ٻڌي ساڻن سان انصاف ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*